اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ت??جمان فواد چوڌري اميد ظاهر ڪئي آهي ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوان چونڊيل ميمبر 13 آگسٽ تي حلف کڻندا ۽ انهي ڏينهن اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي. چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان قومي اسيمبلي مان وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ 18 آگسٽ تي اي??ان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ??ابت ڪو في??لو اڃان تائين حتمي ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه منسٽر انڪليو جي مرمت ۽ رنگ روغن جو ڪم جاري هجڻ سبب پنجاب هائوس ۾ قيام ڪندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا