دوشنبي – 18 جون (اي پي پي) ??در ممنون حسين جو چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي پهچڻ تي شاندار ا??تقبال ڪيو ويو جتي هو پاڻي بابت پائيدار ترقي جي عنوان تي عالمي ڏهاڪي (2028 – 2018ع) با??ت عملداري جي حوالي سان ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جيڪا تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ 20 کان 21 جون تي ٿي رهي آهي. تاجڪستان جي نائب وزيراعظم ذاڪرزاده محمد طاهر دوشنبي ايئرپورٽ پهچڻ تي ??در ممنون حسين جو شاندار ا??تقبال ڪيو. تاجڪستان ۾ پاڪستاني سفير، پاڪستان ۾ تاجڪستان جو سفير ۽ سفارتخاني جا سينيئر عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. هڪ ننڍڙي ٻارڙي روايتي انداز ۾ ??در کي گلدستو پيش ڪيو.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ