پشاو?? – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ ا??صا?? جي چيئرمين عمران خان پي ڪي 9 سوات مان چونڊيل صوبائي اسيمبلي ميمبر محمود خان کي خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير جي لاءِ نامزد ڪ??ي ڇڏيو آهي ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل جي انچارج افتخار دراني باقاعده تصديق ڪئي آهي. ياد رهي ته محمود خان جي صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مالاڪنڊ ڊويزن مان ??ڏي وزير جي حيثيت سان نامزدگي ٿي آهي ان کان اڳ مالاڪنڊ ڊويزن مان ڪنهن به ??ڏي وزير جو عهدو ناهي سنڀاليو. 46 سالن جي محمود خان جو تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعي سوات سان آهي کيس اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ راندين، ثقافت ۽ سياحت جو صوبائي وزير ب??ايو ويو، اپريل 2014ع ۾ کانئس وزارت ورتي وئي جڏهن ته جولاءِ 2014ع ۾ کيس ٻيهر وزير ب??ائي آبپاشي جو کاتو ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil