اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين گڏيل ق??من جي منشور ۾ شامل اصولن ۽ مقصدن تي ڪاربند رهڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪس??ان انهن اصولن ۽ مقصدن کي حقيقت جو روپ ڏيڻ ۾ سدائين فعال ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، گڏيل ق??من جي امن مشنز ۾ اڻٿڪ خدمتون ان جي ڪردار جون عڪاس آهن. سلامتي ڪائونسل ڪشمير م??ئلي جي حل ??اءِ پنهنجي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل ق??من جي قائم ٿيڻ کي 72 سال پورا ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته گڏيل ق??من جي قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪس??ان جي هڪ لک 72 هزار امن دستا جنگين سبب متاثر دنيا جي مختلف حصن ۾ امن قائم ۽ برقرار رکڻ ۾ مدد فراهم ڪئي آهي. پاڪس??ان گڏيل ق??من جي جهنڊي هيٺ خدمتون سرانجام ڏيندي جانيون قربان ڪندڙ پنهنجي 154 بهادر فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2