بيروت _23 سيپٽمبر (اي پي پي ) لبنان جي وزيراعظم چيو آهي ته هو اسرائيل سان جنگ کي ??وڪ?? ۽ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سمورن محاذن تي جنگبندي جي حمايت ڪريون ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چيو ته سندس حڪومت لبنان جي ڌرتي تي رياس??ي اختيار کي وڌائڻ چاهي ٿي. هن غزه ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته هو سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو. هن زور ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان هڪ وسيع علائقائي جنگ جي خدشن واري تڪرار جو پرامن سفارتي حل ڳولي رهيو آهي. هن ان اميد ظاهر ڪئي ته معاملا وڌيڪ خراب نه ٿيندا. هن چيو ته پيجر ڌماڪن سبب زخمي ٿيل 1600 کان وڌيڪ ماڻهو اڃان به اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻئي پاس?? اسرائيل جي فوج جي چيف آف اسٽاف هرزي هيليوي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ حزب الله تي وڌيڪ حملا ڪرڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته فوج وٽ اهڙيون ص??اح??تون آهن جي??ي اڃان تائين استعمال ناهن ڪيون ويون. هن واضح ڪيو ته اسرائيل جي فوج هر قسم جي حملي ۽ دفاع جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڀرپور نموني تيار آهي.
سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪريُون ٿا: لبنان جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال