ڊيووس – 19 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب ۽ سن??اپ??ر جي انفارميشن ٽيڪنالوجي جي وزيرن ڊيووس اجلاس دوران ملاقات ڪئي آهي. ارد?? نيوز مطابق ٻنهي ملڪن ان موقعي تي ٻه طرفا سهڪار ۽ دلچسپي جي موضوعن تي خ??ال?? جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻه طرفه سهڪار ۽ ترق?? کي هٿي ڏيڻ لاءِ گرمجوشي جو اظهار ڪيو آهي. سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت وزير عبدالله السواحه ۽ سندس سن??اپ??ر جي هم منصب جوزفين ٽيو ڊيجيٽل اڪانومي کان علاوه اڀرندڙ معيشت ٽيڪنالوجيز ۽ ڊيجيٽل گورنمنٽ جي شعبن ۾ ٻه طرفا اسٽريٽجڪ شراڪتدار?? کي وڌائڻ جي طريقن تي تفصيلي غور بعد شراڪتداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سعودي وزير ان سلسلي ۾ ڊيجيٽل ترقي لاءِ قدمن کي همٿائڻ جي ڪوششن جي اهميت اجاگر ڪئي. ملاقات ۾ سعودي عرب ۽ سن??اپ??ر گڏيل ڪميٽي جي دائري ۾ ايندڙ معاملن تي خاص ڌيان ڏنو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج