جنيوا-14 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان ملاقات ڪ??ي ۽ غزه ۽ ان جي ڀرپاسي تي صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. العربيه اردو موجب ٻنهي اڳواڻن انساني حقن جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي تقريب ??ي موقعي تي ملاقات ڪ??ي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ عالمي برادري جي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن تعاون کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ور??و ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ سعودي عرب ??ي مستقل نمائندي عبدالحسن بن خثيله ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحمان الداد به شرڪت ڪ??ي.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔