بيجنگ- 02 جون (اي پي پي) چين تائيوان جي ٻيهر اتحاد تي پنهنجو موقف واضح ڪندي چيو آهي ته هو تائيوان جي چين سان پرامن اتحاد جون انتهائي مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو پر هو ان مقصد لاءِ تائيوان جي حڪومت خلاف طاقت جي اس??عم??ل جي حق کان هٿ نه کڻندو. چيني اخبار سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي رپورٽ موجب چيني دفاع واري وزير لي شانگ فو واضح ڪيو ته سندن ملڪ تائيوان جو پاڻ سان ٻيهر اتحاد لاءِ طاقت جي اس??عم??ل جي حق کي هر گز ختم نه ڪندو. هوڏانهن روسي خابرو ??داري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته چيني دفاع واري وزارت تائيوان جي معاملي ۾ پرامن مفاهمت جي اميد جو اظهار ڪيو پر گڏ ئي ان معاملي ۾ غير ملڪي مداخلت جي خلاف خبردار پڻ ڪيو. چيني دفاع واري وزارت جي ترجمان ٽين ڪيفي چيو ته اسان تائيوان جي حڪمران پارٽي ڊيموڪريٽڪ پروگريسو پارٽي جي عملدارن طرفان تائيوان جي آزاد?? لاءِ پرڏيهي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين ۽ نه ئي اسان پرڏيهي طاقتن طرفان تائيوان کي چين تي ضابطو آڻڻ لاءِ اس??عم??ل ڪرڻ جي ڪنهن ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين.
تائيوان جو چين سان اتحاد لاءِ طاقت جي استعمال جي حق کان هٿ نه کڻنداسين:چيني دفاع وارو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں