ساپالو – 15 جنوري (اي پي پي) برازيل جي ڏکڻ اوڀر واري رياست ريوڊي ??نيرو ۾ شديد برساتن سبب مٽي جون ڇپون ڪرڻ ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق برساتن ريوڊي ??نيرو شهر جي اترئين حصي ۽ ويجهن ميونسپلٽيز سميت نائٽروئي، ڊيوڪ ڊي ڪسياس، پلفورڊروڪسو ۽ ساجوس ڊي ميرٽي کي پڻ متاثر ڪيو ۽ ڪيترن ئي عل??ئقن ۾ گهٽيون بوڏ جي پاڻي سان ڀرجي ويون. فائر ڊيپارٽمنٽ ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻا پيا. شهر جي ميئر ايڊورڊ پيس هنگامي وسيلن تائين پهچ ۽ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي سار سنڀال لاءِ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي پاسي برازيل جي صدر لولا ڊي ??لوا وفاقي حڪومت طرفان متاثر عل??ئقن لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج