اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ پاڪ ڀارت تازي ڇڪتاڻ جي معاملي تي پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي پاليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ پوري ايوان تي ٻڌل ڪميٽي جي رپورٽ ۾ پيش ڪيل پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي تي واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڀارت هڪطرفي طور تي عالمي معاهدي جي ذميدارين کان ڌار ٿئي ٿو ته ان سلسلي ۾ ڀارت جي ڪردار کي سامهون آڻڻ گهرج??، پاڪستان جي سرزمين ??ير رياستي عنصرن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي، سڄي دنيا ۾ هي واضح ۽ کليل پيغام ڏنو وڃي ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ ان ۾ غير رياستي عنصر جي لاءِ ڪنهن قسم جي ڪا به گنجائش نه آه??، پاليسي گائيڊ لائينز ۾ چيو ويو آهي ته ڪشمير بابت عالمي ڪانفرنس جو انتظام ڪيو وڃ??، پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي سياسي قيادت طرفان ڪنٽر??ل لائين ??ي امن برقرار رکڻ جي لاءِ طئي ٿيل طريقيڪار جو احترام ڪرڻ جي ضرورت آهي، بيڪ چينل ڳالهين ??ي اهميت ۽ ضرورت کي نظر ۾ رکندي کين ??حال ڪرڻ گهرجي ۽ ٻه طرفي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اعتماد سازي جا قدم بحال ڪرڻ ۽ کين ??گهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
سينيٽ پاران پاليسي گائيڊ لائينز جي 22 نقطن جي منظوري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ