گڏيل قومون-25 جولاءِ (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته تڪرارن، معاشي عدم استحڪام ۽ شديد موسمي حالتن سبب گذريل سال 73 ڪروڙ 30 لک ماڻهن کي بک جو منهن ڏسڻو پيو، جرمن نشرياتي اداري ڊي ڊبليو م??جب اسٽيٽ آف فوڊ سيڪيورٽي اينڊ نيوٽريشن ان ورلڊ جي عنوان سان جاري رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2030ع تائين دنيا مان بک جي خاتمي جو گڏيل قومن جي هدف کي هاڻي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿي??دو پيو وڃي. گڏيل قومن جي رپورٽ م??جب جنگين، ماحولياتي تبديلين ۽ معاشي بحرانن سان دنيا بري طرح متاثر ٿي رهي آهي. رپورٽ م??جب شديد بک جو مسئلو وڌيڪ گهرو ٿي ويو آهي جڏهن ته غذائيت بخش کاڌو ڪيترن ئي ماڻهن جي پهچ کان پري آهي. 2023ع ۾ اٽڪل 733 ملين ماڻهن کي بک جو منهن ڏسڻو پيو يعني عالمي سطح تي هر 11 ماڻهن مان هڪ ماڻهو بک جو شڪار ٿي??. اٽڪل 29 سيڪڙو آبادي کي مجبورن ڪڏهن ڪڏهن کاڌي کانسواءِ ئي رهڻو پيو. ان ۾ به آفريقا جي خطي ۾ صورتحال خاص طور تي سنگين رهي جتي هر پنجن مان هڪ ماڻهو کي بک جو منهن ڏسڻو پيو.گڏيل قومن سان لاڳاپيل پنجن ايجنسين جي طرفان تيار ڪيل ان رپورٽ کي برازيل ۾ ٿي?? جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو آهي. موجوده اندازن م??جب 2030ع تائين بک جي مڪمل خاتمي لاءِ 176 بلين ڊالرن کان 3.98 کرب ڊالر?? تائين جي ضرورت آهي. رپورٽ م??جب ان لاءِ عطيو ڏيندڙ عالمي ايجنسين ۽ امدادي گروپن کي پنهنجي قدمن کي بهتر طريقي سان جامع ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي وقت ضايع ڪرڻ جو ناهي پر فوري قدم کڻڻ جو آهي.
دنيا مان بک جي خاتمي جي هدف کي حاصل ڪرڻ وڌيڪ مشڪل ٿيندو پيو وڃي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا