سان جوز _18 جنوري (اي پي پي )ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز وارو جديد ترين گليڪسي سمارٽ فون پريميم ايس _24 الٽرا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي . اي ايف پي مطابق سام سنگ جي صدر ان م??قعي تي آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي شهر سان جوز جي سليڪون ويلي ۾ هڪ اسپورٽس سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي . ان م??قعي تي هن چيو ته مصنوعي ذهانت موبائل جي صنعت ۾ وڏي تبديلي آڻڻ واري آهي .مستقبل ۾ موبائل فون مصنوعي ذهانت تائين رسائي جو بنيادي پوائنٽ هوندو ۽ سام سنگ ان حوالي سان قائداڻو ڪردارادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي . پريميم اي?? -24 الٽرا ??ال دوران مختلف ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿو ۽ ان ذريعي ٻه اهڙا ماڻهو به فون تي ڳالهيون ڪري سگهندا جيڪي هڪ ٻئي جي ٻولي نٿا سمجهن . اها سهولت دنيا ۾ ڳالهائجندڙ 13 ٻولين لاءِ دستياب هوندي ۽ ان لاءِ ترجمي نگار کي سام سنگ پنهنجي اي آءِ اي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي تيار ڪيو آهي . فون ۾ گوگل سان واڳيل هڪ غير معمولي سرچ فنڪشن به ڏنو ويو آهي.ان فنڪشن جي استعمال سان صارف پنهنجي سامهون واري شخص جي ڪنهن به ٽيڪسٽ مان ڪنهن به اصتلاح يا تصوير کي دائرو لڳائي ڳولهي سگهندو. ان فون ۾ ميسيجنگ ۽ نيويگيشن جهڙو سسٽم به شامل آهي. ان سسٽم کي به مصنوعي ذهانت سان ڳنڍيو ويو آهي. آءِ فون – 15 جيان سام سنگ جو پريميم ايس ̵1; 24 الٽرا ٽائينيم فريم سان گڏ آهي ـ ان جي شروعاتي قيمت 1299 ڊالر رکي وئي آهي.
سام سنگ اي آءِ فيچرز ۽ ڪال دوران ترجمو ڪندڙ گليڪسي سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ