گڏيل قومون-03 فيبروري (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ڇنڇر تي ملهايو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عالمي يوم ڀائيچاري جي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد همدردي، مذهبي، تفه??م ۽ گڏيل احترام جي قدرن کي هٿي ڏيڻ مڪالمي ۽ عمل ذريعي مذهب يا عقيدي جي آزاديءَ جي انساني حقن جي حاصلات کي يقيني بنائڻ لاءِ قدمن لاءِ هڪ فريم ورڪ، طريقيڪار ?? تحريڪ فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته امن کي هٿي وٺرائڻ ۽ انسانيت کي متحد ڪرڻ لاءِ اهي قدر انتهائي اهميت جوڳا آهن پر پوري دنيا ۾ نفرت انگيز تقريرون، فرقي??ار??ت، تڪرار ۽ اختلافن کي هٿي ڏئي ورهاست، عدم مساوات ۽ وڌندڙ مايوسيءَ سبب قدم ختم ٿي رهيا آهن، حقيقت اها آهي ته دنيا جي معاشرن ۽ فرقن ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ اڻبرادشت ۾ واڌ ٿيندو رهي ٿو. هن چيو ته دنيا ۾ هر جڳهه تي مذهبي اڳواڻن جو فرض آهي ته هو پنهنجي پيروڪارن وچ ۾ نفرت ۽ انتهاپسنديءَ کي ختم ڪن ۽ هن چيو ته بين المذاهب مڪالمو مثبت اظهار راءِ پيدا ڪري ٿو، مفاهمت ۽ دلين ۽ ذهنن ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي شفاف بخشڻ جو ذريعو بڻجي ٿو. دلين ۽ ذهنن ۾ امن جي سوچ کي هٿي ملي ٿي.
سڄي دنيا ۾ انساني ڀائيچاري جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ