اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آه?? ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ 24 نومبر تي ٿيندڙ ڌرڻي ۾ فسادن جي جاچ جي لاءِ جوڙيل ٽاسڪ فورس جو اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ??نت??ار ڦهلائيندڙن بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران ملڪ جي گادي واري شهر تي چڙهائي ڪئي جيڪا اسان جي لاءِ شديد شرمندگي جو سبب بڻي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ??نت??ار ڦهلائيندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي اڳڀرائي جو هفتيوار جائزو ورتو ويندو. هن هدايت ڪئ?? ته ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪندڙن، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي زخمي ۽ شهيد ڪندڙن کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجوده دور جي گهرجن ??وجب عالمي معيار جي فسادن جي خلاف فورس جوڙي ويندي، اسلام آباد سيف سٽي ۾ فارنزڪ ليب شامل ڪري ان کي عالمي معيار موجب بڻايو ويندو ۽ ان جي لاءِ ضروري وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته واردات جي موقعي تان هٿيار، فائرنگ جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪارتوس ۽ خول ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا ثبوت فارنزڪ جي لاءِ موڪليا ويندا، واردات جي موقعي تي موجود فسادين جي سڃاڻپ جو عمل به تيزي سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، سڃاڻپ کانپوءِ سمورن فسادين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويندو.
وزيراعظم پاران ڌرڻن ۾ قانون پائمال ڪرڻ، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏيڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری