اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل بئنڪن جون ب??انچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ ڀلي پار ويندڙن کي حج 2025ع جو درخواست فارم ۽ بقايا رقم جمع ڪرائڻ ۾ سهولت ڏيڻ خاطر مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي درخواست تي 15 ڄاڻايل بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون لاڳاپيل برانچون 30 نومبر ۽ پهرين ڊسمبر تي صبح 9 وڳي کان اڍائي وڳي تائ??ن کولي رکن. ان کان اڳ حج پالي??يء?? جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي 15 بئنڪن يعني نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، حب??ب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ايم سي بي، الائيڊ بئنڪ، بئنڪ آف پنجاب، بئنڪ الفلاح، زرعي ترقياتي بئنڪ، فيصل بئنڪ، عسڪري بئنڪ، بئنڪ الحبيب، حب??ب ميٽرو پوليٽن ب??نڪ، سنهري بئنڪ، ميزان ب??نڪ ۽ بئنڪ اسلامي کي اجازت ڏني هئي ته اهي حج 2025ع لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀلي ويندڙن کان درخواست فارم بقايائن سميت رقم 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪ??ي سگهن ٿا.
حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل بئنڪن جون برانچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش