اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو جي پاڪستان جي دوري دوران ٻنهي مُلڪن جي وچ ۾ 15 اهم معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون جن ۾ 2025ع کان 2027ع جي مدي لاءِ جامع تعاون جو روڊ ميپ پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب روڊ ميپ پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاو?? کي وڌائڻ تي مرڪوز آهي. بيان موجب بيلاروس جي صدر ۽ وزيراعظم ٻطرفي لاڳاپن جي مڪمل رينج جو جامع جائزو ورتو ۽ سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي، سماجي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ?? دوستاڻي لاڳاپ?? کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ??رتو آهي. ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کيس الوداع ڪيو.
بيلاروس جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران 15 اهم معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويُون
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس