باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ??المي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان – گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موسمياتي ??بديلي جي حوالي سان تعاون سميت گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي خاتون اول امينه اردوان سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪيه پاڪستان جي ماحولياتي ??لودگي ۽ موسمياتي ??بديلي کي عالمي سطح تي ??جاگر ڪرڻ جي حوالي سان تعاون سميت گڏ??ل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي ان موقعي تي ??المي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون. وزيراعظم جي برطانيا جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان برطانيا تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ۾ وچ ايشيائي ملڪن ۽ پاڪستان ۾ گليشيئرز ۽ پاڻي وسيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ پاڪستان جي تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان مواصلاتي ??ابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نيپال جي صدر رام چندر پائوڊيل ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ گرمي پد، بلند ٿيندڙ سامونڊي سطح جي خطرن ۽ ٻيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيپال سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۽ علائقائي رابطن ۾ وسعت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو، آذربائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي گر??پ فوٽو ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو. وزيراعظم باڪو ۾ منعقد ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان کي موسمياتي ??بديلي سان درپيش خطرن تي ??وشني وجهندو. وزيراعظم اهڙن اسرندڙ ملڪن خاص طور تي پاڪستان جيڪي هر سال موسمياتي ??بديلي جي ڪري قدرتي ??فتن جي ور چڙهي جاني ۽ مالي نقصان کڻن ٿا، جي لاءِ آواز بلند ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهين کان متاثر ٿيندڙ لکين پاڪستانين جو ڪيس وڙهندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته پاڪستان جنهن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، مشڪل معاشڊي حالتن سان گڏوگڏ موسمياتي ??بديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن خاص طور تي ??سرندڙ ملن کي انهن جي موسمياتي ??بديلي جي حوالي سان ذميواري قبول ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي ??ور ڏيندو.
وزيراعظم جُون باڪو ۾ ڪوپ-29 جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر