اسلام آباد – 01 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستاني معاشري ۾ بزرگ شهري اسان جي تاريخ جا رکوالا، حڪمت ۽ دانائي جا امين ۽ اسان جي خاندانن کي ڳنڍي رکندڙ اهي رونقون آه?? جن جي ڪري اسان جا گهر سدائين روشن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين اسان جي ثقافت جي منتقلي ٿئي ٿي، اسان جو ويزن آه?? ته اسان جي معاشري جا بزرگ ماڻهو بااختيار هجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بزرگ ماڻهن جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. اڄ جي ڏينهن آئون پاڪستان جي انتهائي قابل احترام بزرگ شهرين کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ معاشري ۾ انهن جي بي پناهه ۽ انمول ??دمتن جو اعتراف ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستاني معاشري ۾ بزرگ شهري اسان جي تاريخ رکوالا، حڪمت ۽ دانائي جا امين ۽ اسان جي خاندانن کي ڳنڍيندڙ اهي رونقون آه?? جن جي ڪري اسان جا گهر سدائين روشن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن تائين اسان جي ثقافت جي منتقلي ممڪن ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته هن سال جي لاءِ چونڊيل ٿيم ”عمر وڌڻ سان گڏ وقار: سڄي دنيا ۾ بزرگ ماڻهن جي نگهداشت ۽ سپورٽ سسٽم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت“ آه??. اسان جي بزرگ ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي جي تحفظ جي لاءِ اسان جي فرض جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ اهڙو جامع معاشرو آه?? جنهن ۾ بزرگ ماڻهن جي حقن جو احترام ۽ تحفظ ٺاهڻ جي لاءِ پرعزم آه??. وزيراعظم چيو ته حڪومت اسان جي بزرگ شهرين جي زندگي جي معيار کي بهتر، صحت جي بهترين سهولتن ۽ سماجي خدمتن تائين انهن جي پهچ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن جي فعال شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي پاليسين تي عملدرآمد يقيني بڻائيندي رهندي. هن چيو ته اسان جو ويزن آه?? ته اسان جي معاشري جا بزرگ ماڻهو بااختيار هجن ته جيئن ڪنهن بزرگ کي پنهنجي قدر ۽ اهميت ۾ گهٽتائي جو احساس نه ٿئي. انهن جو آواز ٻڌو وڃي ۽ اهي پنهنجي حڪمت ۽ ڏاهپ سان معاشري ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهن. وزيراعظم چيو ته اسان جا بزرگ اسان جي نوجوان نسل جي لاءِ حقيقي اڳواڻ آه??. نئين نسل جي لاءِ ضروري آه?? ته اهي هڪ وڌيڪ بهترين ۽ پائيدار روادار ۽ همدرد پاڪستاني معاشري کي جوڙڻ جي لاءِ پنهنجي بزرگن جي حڪمت ۽ انمول ??جربن مان سکن. وزيراعظم چيو ته ا??و اسان هڪ وڌندڙ ويجهندڙ معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جتي هر شهري کي پنهنجي برابر اهميت جو احساس ٿ??ي ۽ جتي اسان جي بزرگ شهرين جي اهڙي بهترين سارسنڀال ۽ احترام ڪيو وڃي جنهن جا اهي مستحق ??هن.
پاڪستاني معاشري ۾ بزرگ شهري اسان جي تاريخ جا رکوالا، حڪمت ۽ دانائي جا امين آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا