اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) کي نيشنل نيوز پيپر ريڊرشپ ڊي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فرو?? ڏيڻ ۾ اهم ??ردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته اخبارون سياسي شعور وڌائڻ ۽ شهرين کي انهن جي حقن ۽ ذميوارين کان آگاهه ڪرڻ کانسواءِ خبرون فراهم ??رڻ ۾ اهم ??ردار ادا ڪن ٿيون، اخبارون معاشري ۾ اخ??اق?? ۽ جمهوري قدرن کي فرو?? ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اخبارن جي ذريعي ماڻهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن ۾ برداشت، رواداري، بين المذاهب هم آهنگي، حب الوطني، شهري ذميواري ۽ انساني حقن جي احترام کي پڻ فرو?? ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته اڄ جي تيز رفتار ڊيجيٽل دور ۾ جتي غلط معلومات ۽ جعلي خبرون تيزي سان وائرل ٿي سگهن ٿيون، اتي اخبارن جو ڪردار اڃان به اهم ٿي ويو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اخبارن کي جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪن??ي جعلي خبرن جي حوصلا شڪني جي لاءِ صحيح ۽ چڱي طرح سان تحقيق ٿيل خبرون فراهم ??رڻ جي ضرورت ??هي. هن چيو ته اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فرو?? ڏيڻ ۾ اهم ??ردار ادا ڪن. صدر چيو ته هڪ ذميوار پريس خبرن جي رپورٽنگ ۾ درستگي، انصاف پسندي ۽ توازن جي اعليٰ ترين معيار کي برقرار رکي ٿي، هڪ ذميوار پريس نه رڳو پيڙهيل آوازن کي ٻڌڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ??ري ٿي پر اهم مسئلن تي ڌرين جي وچ ۾ صحتمند بحث پڻ پيدا ڪري ٿي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته پريس کي اهم مسئلن تي ماڻهن جي رهنمائي ۽ آگاهي جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جيڪا جمهوري نظام جي ڪاميابي سان گڏوگڏ قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي عوامي راءِ جوڙڻ جي لاءِ راهه هموار ڪري سگهي.
اخبارون ڪوڙي معلومات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais