اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ ۽ دفاعي پيداوار ۽ هوابازي بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ايهاب عبدالحميد ۽ زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو ڌار ڌار ملاقاتون ڪي??ن، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا ۽ ٻه طرفي سهڪار وارا معاملا بحث هيٺ آيا. مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب عبدالحميد حسن اسلام آباد ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ٻه طرفه لاڳاپا خوشگوار ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن. هن چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ ترقي وچ اوڀر جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. بچاءَ واري وزير ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪي?? ته پاڪستان غزه تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فلسطين ۾ پنهنجن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪري ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته مصر ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ وڌڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. معزز مهمان ن??ڪ تمنائن لاءِ وفاقي وزير جو ش??ريو ادا ڪي?? ۽ بچاءَ سميت گڏيل دلچسپيءَ جي سمورن معاملن ۾ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کان آگاهه ڪي??. زمبابوي جي سفير تيتوس مهليسوا جوناٿن ابوباستو به بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي. بچاءَ واري وزير پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ جدوجهد جي گڏيل تاريخ تي ٻَڌل ٻه طرفا لاڳاپا آهن. هن زمبابوي سان سياسي، اقت??اد?? ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ جي خواهش جو به اظهار ڪي??. ٻنهي ڌُرين ٻه طرفي سهڪار جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪي?? ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي شعبن ۾ ان کي اڳيان وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪي??.
دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان مصر جي سفير ۽ زمبابوي جي سفير جون ڌار ڌار ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر