اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي جي هدايت ڪندي چيو آ??ي ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي روانگي واپار ۾ اضافو ملڪي معيشت جي لاءِ لازمي آهي، وڏي نجي ڪاروباري ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي گڏ کڻي هلن، سميڊا جي بورڊ کي فوري طور تي ف??ال ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي صدارت ۾ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز ڊيولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا) جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي پهرين اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، صنعت ۽ پيداوار ۽ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر چيئرمي??، ايف پي سي سي آءِ جي صدر ۽ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي ٻين ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي ترقي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي ترقي جي لاءِ عالمي معيار جي ماهرن جون خدمتون ورتيون وينديون. اجلاس ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ، انهن جي آسان قسطن تي قرضن تائين په??، ايس ايم ايز جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي، عور??ن کي ڪاروبار ۾ سهولت ۽ موسمياتي تبديلي سان هم آهنگي جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. کيس ٻڌايو ويو ته ري سائيڪل ڪيل مواد سان ٽيڪسٽائيل مصنوعات ٺاهيندڙ ٽيڪنالاجي جي تعارف سان موسمياتي تبديلي جو مقابلو ڪيو ويندو، نئين ڪاروبار شروع ڪرڻ جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي لاءِ حڪومت مدد ڪندي، سميڊا تحت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي ترقي جي لاءِ سمورين پاليسين جي جوڙجڪ تازه ترين انگن اکرن جي بنياد تي ڪئي ويندي. وزيراعظم ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي وڌيڪ منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ انهن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايس ايم ايز جو شعبو قومي ترقي جي انجڻ آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي روانگي واپار کي توسيع ڏيڻ ملڪي معيشت جي لاءِ لازمي آهي، سميڊا جي بورڊ کي فوري طور تي ف??ال ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته وڏي نجي ڪاروباري ادارن جي ذميواري آهي ته اهي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن کي گڏ کڻي هلن. هن چيو ته اسان جي آبادي جو اڌ حصو عورتن تي ٻڌل آهي ۽ ملڪي معيشت ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچويل درجي جي ڪاروبار بابت سمورن فيصلن ۾ ڪاروباري عور??ن کي خاص طور تي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته روانگي واپار جي لاءِ تيار ٿيندڙ سمورين مصنوعات کي عالمي معيار مُوجب تيار ڪيو وڃي.
وزيراعظم پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena