اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪيو ويندو. اسٽيٽ بئنڪ ??رف??ن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال جنوري ۾ نون بئنڪ نوٽن جي سيريز جي موضوعاتي ڊزائين ۽ آئيڊياز لاءِ آرٽ جي مقابلي جي اع??ان سان گڏ بئنڪ جي نون نوٽن جي سيريز جي ڊزائيننگ جو عمل شروع ڪيو هو، آرٽ مقابلي جو مقصد مقامي فنڪارن جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي لاڳو بهترين ضابطه عمل موجب ڊزائين جي تياري جي عمل ۾ عوام کي شامل ڪرڻ هو. مقامي فنڪارن ??رف??ن جمع ڪرايل ڊزائينن جو جائزو معزز ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي ورتو ۽ ان مقابلي جي فاتح انٽريز جو اع??ان 5 سيپٽمبر تي ڪيو ويو. آرٽ جي مقابلي جي انهن نتيجن جي اع??ان کي ميڊيا ۽ ڪجهه عوامي حلقن ??رف??ن نون بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڊزائينن جي شارٽ لسٽنگ طور تي تعبير ڪيو ويو، تنهن هوندي به آرٽ مقابلي جي نتيجن جو اع??ان ڪرڻ جو مقصد رڳو فنڪارن جي ڪوششن کي ساراهڻ ۽ انعامن سان نوازي انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ هو. تجويز ڪيل نئين سيريز جي حتمي ڊزائين چٽاڀيٽي جي عمل ذريعي چونڊيل مشهور عالمي ڪمپنين ??رف??ن ڊزائين ڪئي پئي وڃي. اهي ڪمپنيون هلندڙ سال ڊسمبر تائين نئين ڊزائين لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪنديون ۽ اسٽيٽ بئنڪ بورڊ ??رف??ن منظور ڪيل ڊزائيون جنوري 2025ع تائين حتمي منظوري لاءِ وفاقي حڪومت کي پيش ڪيون وينديون. اسٽيٽ بئنڪ وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين جي بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ڪندي.
وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ئي نئين ڊزائين وارن بئنڪ نوٽن جي سيريز جي ڇپائي جو عمل شروع ٿيندو: اسٽيٽ بئنڪ
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados