لاهور-06 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير ع??دالعليم خان 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هن سال اسان سڀني کي يوم دفاع کي ”يوم وفا“ طور ملهائڻ ??و وچن ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج سڄي قوم جو فخر آهي ۽ ”سپاه سان وفا“ ۾ ئي وطن عزيز جي بقاءَ آهي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع تي بهادر فوج دشمن کي سبق سيکار??ند?? جرئت ۽ بهادري جا جيڪي داستان لکيا آهن انهن کي هميشه ياد رکيو و??ند??. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جي جوانن گ??ٽ کان گ??ٽ وسيلن سان پاڻ کان وڏي دشمن کي ڪمزور ڪري ڏيکاريو. ملڪ اڄ به دهشتگردي ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هر پاڪستاني پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو وچن ورجائي ٿو. عبدالعليم خ??ن چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن اسان سڀني جي رت کي گرمائي ٿو ۽ ملڪ لاءِ قربانين جي عزم کي تازو ڪري ٿو ۽ يوم دفاع تي اسان سڀ پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.
يوم دفاع تي پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا: عليم خان
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا