اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي ??وڙي ڇڏي آهي، اها ڪميٽي ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي اڪلائيندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي انتظام ۽ انصراف جي معاملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ??وڙي آهي. ان ڪميٽي ??و نالو ”سرڪاري ملڪيت وارين انٽرپرائيزز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي او ايس او ايز)“ آهي. ڪميٽي ??ي ذميوارين ۾ سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين (ايس او ايز) ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين جي لاڳو ۽ عملدرآمد جي نگراني ڪرڻ، ايس او ايز جي بورڊز ۾ مقررين بابت معاملن، ايس او ايز بابت سڌارا ۽ تجويزون ڏيڻ، ايس او ايز جي مالي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، ايس او ايز جي لاءِ پاليسين، هدايتن ۽ گائيڊ لائينز جي تجويز ۽ ڪابينا کي سفارش ڪرڻ، سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين کي ڪنه?? به عوامي خدمت جو فرض ادا ڪرڻ جي لاءِ هدايت جاري ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ ۽ ايس او ايز ايڪٽ 2023ع ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين قانونن ۽ پاليسين ۾ شامل ڪنه?? به ٻئي لاڳاپيل معاملي جو جائزو وٺڻ شامل آهي. ڪميٽي ??و چيئرمين ناڻي وارو وفا??ي وزير هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ سامونڊي معاملن وارو وفا??ي وزير، اقتصادي معاملن وارو وفا??ي وزير، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفا??ي وزير، هائوسنگ اينڊ ورڪس وارو وفا??ي وزير جڏهن ته خصوصي دعوت تي نائب چيئرمين منصوبابندي ڪميشن ميمبر هوندو.
وزيراعظم پاران سرڪاري ملڪيتي انٽرپرائيزز جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے