??سل??م آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هرنائي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ فوت ??ين??ڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم کاڻين جي کوٽائي جي ريسڪيو جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حادثي جي نتيجي ۾ زخمي کاڻ کوٽيندڙن کي هر م??ڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جا واقعا انتهائي تڪليف ڏيندڙ ۽ افسوسناڪ آهن. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آه??ون. حڪومت زخمين ۽ متاثر خاندانن کي هر م??ڪن ريليف فراهم ڪندي.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری