اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ري??ض کوکر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جي سفارتي خد??تن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ري??ض کوکر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ري??ض کوکر دنيا جي اهم ترين گادي وارن شهرن جن ۾ واشنگٽن، بيجنگ ۽ دهلي شامل آهن، ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، هن رٽائرمينٽ کانپوءِ به آخري ڏينهن تائين پاڪستاني رياست کي اهم ترين مشورن سان نوازيو ۽ علمي خد??تون جاري رکيون. هن چيو ته مرحوم جي ملڪ جي لاءِ سفارتي خد??تن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ري??ض کوکر مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئ??رن کي صبر جميل عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن