گوادر – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيداري ڏينهون ڏ??نهن مستحڪم ره?? آهي، آءِ ايم ايف سان آخري قسط جي حوالي سان پڻ اسٽاف ليول ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي اهي، دنيا اسان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين پاڪستان دوستي اسپتال ۽ سامونڊي پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي پلانٽ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافينس ان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته انهن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ ۾ معاونت تي صوبائي حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته چين سان پاڪستان جي سدابهار اسٽريٽجڪ حصيدار?? آهي، هي ان رخ ۾ هڪ ٻيو قدم آهي، اها دوستي ۽ حصيداري ڏينهون ڏ??نهن مستحڪم ٿي ره?? آهي. هن چيو ته بلوچستان خاص طور ت?? گوادر جي عوام ترقي جي ان سفر ما?? فائدو کڻي ره?? آهي ۽ ترقي جو اهو سفر اڳتي وڌندو، بلوچستان خاص طور ت?? گوادر جي لاءِ اهڙا موقعا پيدا ٿيندا جيڪي نئين نسل جي بهتر مستقبل جي ضمانت ڏيندا. هن چيو ته مستقبل ۾ ترقي جي سفر ۾ شموليت جي لاءِ بلوچستان ۽ گوادر کي تياري ڪرڻ گهرجي، اسان کي انهن موقعن جي ڏس ۾ پنهنجي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻو پوندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه مثبت انداز ۾ مڪمل ٿي وئ?? آهي ۽ آخري قسط جي حوالي سان اسٽاف ليول ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪ?? آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري آئ?? آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ چونڊن کانپوءِ نئين ٺهندڙ حڪومت ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا اسان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ تيار آهي، ڪلائميٽ فنانس موجود آهي، اسان کي ان ما?? فائدو کڻڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪندي منصوبو تيار ڪري پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو.
پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ حصيداري ڏينهون ڏينهن مستحڪم رهي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ