اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگرد?? کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يونيورسٽي?? کي آن لائين تعليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي يونيورسٽين جي معاملن تي وق?? سر فيصلاسازي جي لاءِ سينيٽ اجلاس باقاعدگي سان ۽ وق?? سر منعقد ڪيا وڃن، سمورين يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل وزارت?? کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وق?? سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يونيورسٽي?? کي انتظامي ۽ تدريسي جاين تي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وق?? تي شروع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورت?? کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شروع ڪن، يونيورسٽين ۾ نئين شعبن ۾ درس ۽ تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ جي ضرورتن جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگرد?? کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، يونيورسٽيو?? معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جو سهارو وٺن. اهڙي طرح يونيورسٽيو?? آمدني وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مالي، انتظامي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ