اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ نا??ام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو، گوادر ايئرپورٽ ۽ گوادر بندرگاهه جي صورتحال سٺي نه آهي، پاڪستان جي ترقي بلوچستان ۾ امن، استح??ام ۽ ترقي سان جڙ??ل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ پاڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تعمير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جها?? لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئرپورٽ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄاڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي امن، استح??ام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria