راولپنڊي-05 جنوري (اي پي پي) پا?? فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ڊ?? جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پا?? فوج ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کان پوريءَ ريت آگاه?? آهي ۽ انهن جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي، افغانستان جي عبوري حڪومت کي چيو هو ته پنهنجي سرزمين ٽي ٽي پي کي پا??ستان خلاف استعمال نه ڪرڻ نه ڏني وڃي، ملڪ مان ڪيترين ئي دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪيو ويو آهي، افغانستان جي سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم بروقت مڪمل ڪيو ويندو، نيشنل ايڪشن پلان تحت 78 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد خط?? جي صورتحال جو جائزو وٺڻ آهي. لائن آف ڪنٽرول تي پورو سال امن رهيو، ايل او س?? جي طرف آباديءَ جي حالتن ۾ بهتري آئي آهي، ڀارت اندروني طور تي مذهبي انتهاپسنديءَ جو شڪار آهي. هن چيو ته ڪنهن به هٿياربند گروهه کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ملڪ دشمن عنصر ناڪام مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، عوام، پا??ستان جي فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، ڪُوڙي ۽ هٿٺوڪي پروپيگنڊا ذريعي ناپاڪ اِرادن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن سمورن ناپاڪ ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته ڀارتي فوج قيادت طرفان پا??ستان خلاف ناڪاري ۽ ڪُوڙي پروپيگنڊا ڪئي وئي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني تاريخ جو بدترين گهيراءُ جاري آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي بازار گرم ڪري رکي آهي. ڀارت جينوا ۽ عالمي معاهدن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. بابر افتخار چيو ته يومِ حقِ خوداراديت تي ڪشميرين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. افغانستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي واپسيءَ جا اثر پا??ستان تي به پيا، ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو خال پيدا ٿي ويو. اميد آهي ته صورتحال ۾ جلد بهتري اچي ويندي. پا?? فوج جي ترجمان چيو ته پا??- افغان سرحد تي لڳايل ڪنڊيدار تارون ٻنهي طرفن جي عوام کي تحفظ ڏئي رهيون آهن ۽ طئي ٿيل طريقيڪار موجب آمدورفت جاري آهي. پا??- افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جو ڪم 94 سيڪڙو، جڏهن ته پا??- ايران سرحد تي 71 سيڪڙو مڪمل ٿي ويو آهي. ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ۾ اسان جي شهيدن جو رت شامل آهي، امن جي مقصد لاءِ مسئلا بردباري ۽ احتياط سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پا??ستان افغانستان ۾ مڪمل هم آهنگي ڏسي ٿو. پا??- افغان سرحد تي پا??ستان جون 12 هزار کان وڌيڪ بارڊر پوسٽون آهن، بارڊر سيڪيورٽيءَ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ايف سي لاءِ 67 نئين ونگ قائم ڪئي آهي. اسمگلنگ، منشيات جي چُرپُر تي ضابطي آڻڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته افغانستان جي موجوده صورتحال سنگين انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي، ان جا پا??ستان ۽ خط?? جي سيڪيورٽيءَ تي سڌيءَ ريت اثر پوندا. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا مختلف اجلاسن ۽ ملاقاتن دوران افغانستان جي صورتحال جو معاملو اُٿاريو آهي. ڊ?? جي آءِ ايس پي آر چيو ته آپريشن ردالفساد انتهائي منفرد نوعيت جو هو. ڳجهن اطلاعن جي بنياد تي 60 هزار آپريشن ڪيا ويا، انهن ڪاررواين ۾ فوجي، سول ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن سان انهن جي بنيادي ڍانچي کي تباهه ڪيو، 890 سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري دهشتگرديءَ جي 70 سيڪڙو واقعن کي روڪڻ ۾ مدد ملي. دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ملوث مجرمن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي بينقاب ڪيو ويو. قبائلي علائقن مان 70 هزار کان وڌيڪ بارودي سرنگن کي تباهه ڪيو ويو، ان دوران سيڪيورٽي فورسز جا ڪيترائي جوان شهيد ۽ زخمي ٿيا. پا?? فوج جي ترجمان چيو ته 2014ع جي ڀيٽ ۾ 2021ع ۾ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر رهي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خور?? جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. سال 2014ع ۾ ڪراچي وائلڊ ڪرائيم انڊيڪس ۾ ڇهين نمبر تي هو، هاڻي 129 نمبر تي اچي ويو آهي. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته 2021ع ۾ 248 آفيسرن ۽ جوانن دفاع لاءِ پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا، اسان انهن شهيدن جي وارثن کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. شهيدن جي قربانين عيوض ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي صلاحيتن ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. ليويز ۽ـ خاصه دار فورس جي 18 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي، وڌيڪ 4 هزار کي تربيت ڏني پئي وڃي. انهن تربيت يافته اهلڪارن کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت 78 کان وڌيڪ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروايون ڪيون ويون. دهشتگردن جي بيانيي کي اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ويو آهي، ان ۾ عالمن، ميڊيا ۽ عوام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قانون جي بالادستيءَ سان معاشرو ترقي ڪندو آهي، طاقت جو استعمال رياست جو استحقاق آهي. هن چيو ته دفاعي پيداوار ۾ پا??ڀرو ٿيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا. دفاعي پيداوار جي ادارن جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. دفاعي ساز و سامان جي ايڪسپورٽ مان پرڏيهي ناڻ?? جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جن علائقن ۾ آپريشن ڪيا ويا اتي زندگي معمول تي اچي چڪي آهي. انهن علائقن ۾ عوام جي ڀلائيءَ جا مختلف قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ 31 ارب رپين جي لاڳت سان 831 ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا، ڪيترائي منصوبا تڪميل تائين پهچي ويا آهن. انهن منصوبن ۾ مارڪيٽس، تعليمي ادارا ۽ اسپتالون شامل آهن. هن چيو ته سي پيڪ کي نقصان پهچائڻ جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. ان منصوبي کي وقت سر تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهي آهي. بلوچستان ۾ 199 ترقياتي منصوبا شروع ٿي چڪا آهن. پا?? فوج جي ترجمان چيو ته چئلينجز باوجود پوليو جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سان جاري آهي، پوليو ورڪر کي ڀرپور تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي. پا?? فوج ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي، عوام ۽ ميڊيا به ڪورونا خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪورونا ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل هدايت جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل سان ئي ان وبا کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته جعلي خبرن ذريعي ادارن کي بدنام ڪرڻ جون ناڪام سا??شو?? ڪيون ويون آهن، ائين ڪندڙ پهريان به ناڪام ٿيا ۽ اڳتي به ناڪام ئي ٿيندا. قوم طور اسان سمورين چئلينجز جو ڀرپور نموني مقابلو ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج روس، آمريڪا ۽ چين سميت مختلف ملڪن ۾ فوجي مشقن ۾ حصو ورتو، پا??ستان ۾ ورلڊ ملٽري شوٽنگ چيمپئن شپ جا مقابلا ٿيا، جنهن ۾ پرڏيهه مان رانديگرن پڻ حصو ورتو. بعد ۾ صحافين جي سوالن جو جواب ڏيندي پا?? فوج جي ترجمان چيو ته سول ملٽري ناتن ۾ ڪو مسئلو ناهي، ڪجهه عنصرن طرفان ملڪ جي مختلف ادارن خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، ملڪ دشمن عنصر ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت، عوام، پا?? فوج ۽ ادارن وچ ۾ ڏار پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. انهن سرگرمين ۽ انهن جي تعلق کان آگاه?? آهيون. هن چيو ته 2022ع پا??ستان جي آزاديءَ جي 75 سالن واري تقريب جو سال آهي، اسان کي پنهنجي ملڪ کي محفوظ ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ پنهنجو انفرادي ۽ اجتماعي ڪردار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪو غير روايتي عدم توازن خطي لاءِ خطرناڪ آهي. پا??ستان جي هٿياربند فوج مڪمل تيار آهي ۽ هر خطري کي مُنهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽي ٽي پي سان 9 ڊسمبر تي جنگبندي ختم ٿي چڪي آهي، ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي. افغانستان جي عبوري حڪومت کي چيو هو ته پنهنجي سرزمين ٽي ٽي پي کي پا??ستان خلاف استعمال ڪرڻ نه ڏي. افغان حڪومت جي درخواست تي ٽي ٽي پي سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون، ٽي ٽي پي جا اندروني اختلاف ب?? آهن، جڏهن ته انهن سان ڪجهه شرطن تي ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي. ٽي ٽي پ?? جي حملن کي ناڪام بڻايو ويو آهي. هن چيو ته خطي ۾ اُڀرندڙ صورتحال جي تناظر ۾ قدم يقيني بڻائي رهيا آهيون. پنهنجي دفاعي ضرورتن کان آگاه?? آهيون، ڀارت هٿيار خريد ڪندو آهي ۽ سرحد تي مقرر به ڪندو آهي، جنهن کان اسان پوريءَ طرح باخبر آهيون ۽ ان تناظر ۾ قدم به کنيا ويندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ستان جا افغانستان جي عبوري حڪومت سان ناتا سٺا آهن. قومي سلامتيءَ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قومي سلامتي پاليسي هڪ سٺو قدم آهي، ان تي عملدرآمد جو طريقيڪار جوڙي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. نواز شريف جي ملاقاتن ۽ ڊيل بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پا?? فوج جي ترجمان چيو ته ڊيل جون ڳالهيون رڳو قياس آرائيون آهن، ڪا ڊيل ناهي ٿي رهي، اهي سڀ بي بنياد قياس آرائيون آهن، اهڙن سياسي مباحثن کان پاسو ڪندي تعليم ۽ انفراسٽرڪچر تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ستان حڪومت ۽ چيف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا هر فورم تي افغان مسئلو اُٿاريو آهي. عالمي برادريءَ کي ان تڪرار جي حوالي سان گڏجي ڪري اڳيان وڌڻ گهرجي، جيڪڏهن افغانستان ۾ اها صورتحال رهي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پا??ستان ۾ افغانستان بابت او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دنيا ڪشمير مسئلي کي سنجيدگيءَ سان وٺي رهي آهي، پا??ستان هر فورم تي اثرائتي انداز ۾ ڪشمير مسئلو اجاگر ڪيو آهي، جنهن سبب سڄي دنيا ۾ ان تڪرار کي سنجيدگيءَ سان ورتو پيو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ستان ۽ افغانستان وچ ۾ حڪومتي سطح تي ڳالهيون ٿيون آهن. ڪنڊيدار تارون لڳائڻ جي معاملي تي وڌيڪ اختلاف ناهن. پا??- افغان عالمي سرحد تسليم شد?? آهي. موجوده معاشي صورتحال جي تناظر ۾ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ کي وڏي عرصي کان معاشي چئلينجز درپيش آهن. پا?? فوج ملڪي وسيلن جي اندر رهندي دفاعي صلاحيت کي يقيني بڻائي رهي آهي. پا?? فوج مهانگائ?? جي تناظر ۾ گذريل 2 سالن ۾ بجيٽ اضافو ناهي ورتو. پا??ستان جي دفاعي بجيٽ ڀارت جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، محدود وسيلن باوجود دفاعي صلاحيتن کي برقرار رکيو آهي. پا?? فوج اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پا??ستان ۾ داعش جو ڪوبه وجود ناهي. هن چيو ته بلوچستان سميت ٻين علائقن ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪري انهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، سندن ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا آهن، ملڪ کي دهشتگرديءَ جي ناسور مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ پا?? فوج قربانيون ڏئي رهي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثرائتين ڪاررواين سبب وڏيون ڪاميابيون مليون آهن. آرمي چيف جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن ان کي بي بنياد قياس آرائي قرار ڏيندي چيو ته اهڙين قياس آرائين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ستان ايف اي ٽي ايف جي نڪتن تي عمل ڪيو آهي، اميد آهي ته پا??ستان جو نالو جلد گري لسٽ مان ڪڍيو ويندو. ترڪي ۽ چين کان دفاعي ساز و سامان خريد ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ستان پنهنجي فضائي دفاع کي اڳ ئي مضبوط بڻايو آهي، جڏهن ته ضرورت مطابق دفاعي ساز و سامان حاصل ڪيو پيو وڃي. 23 مارچ جي پري?? جي حوالي سان هن چيو ته اها پريڊ وقت تي ٿيندي، جڏهن ته پريڊ دوران اين سي او س?? جي رهنما اصولن ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪيو ويندو. مهانگائي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا?? فوج عوام سان گڏ آهي ۽ ان جو احساس آهي، لاڳاپيل فورم تي ضروري معاونت ۽ مشاورت فراهم ڪئي ويندي آهي.
پاڪ فوج ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي خطرن کان پوريءَ ريت آگاهه آهي، ڪالعدم ٽي ٽي پي خلاف آپريشن ٿي رهيو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال