اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڀائر ملڪ شا?? سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب جمهوريه شا?? جي تعليم واري وزير ڊاڪٽر داريم تبع سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ شا?? جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن جون پاڙون گڏيل مذهب، قدرن ۽ ثقافت ۾ آهن. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان انٽرنيشنل اسڪول ??مشق ۾ شا??ي رهواسين کي معياري تعليم فراهم ڪندڙ هڪ ناليوارو ادارو آهي. هن چيو ته هي اسڪول شا??ي شاگردن کي عالمي معيار موجب تعليم فراهم ڪندو رهندو. صدر اقتصادي ۽ ڪوويڊ 19 جهڙن صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون وڌائڻ تي پڻ زو?? ڏنو. ان مو??عي تي ٻنهي طرفن مختلف شعبن خاص طور تي تعليم ۽ ثقافت ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا سان گڏوگڏ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان شا??ي شاگردن کي پاڪستان جي پيشيواراڻي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وظيفن جي آڇ ڪندو. ان مو??عي تي ڊاڪٽر داريم تبع شا??ي قيادت پاران صدر کي مبارڪباد وارو پ??غام پهاچيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زو?? ڏنو.
پاڪستان ڀائر ملڪ شام سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات