سکر – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ جي پٺتي ??يل علائقن لاءِ پوري تياري سان هڪ وڏو پيڪيج آندو آهي، سنڌ حڪومت ڪراچي جي ويجهو نئون شهر ٺاهڻ جي منصوبي جي اين او سي رد ڪرڻ جي فيصلي تي ??ظرثاني ??ري، ان منصوبي سان سنڌ حڪومت کي فائدو ٿيندو، پوئتي ??يل علائقن ۽ هيٺين طبقن کي مٿي کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي عوام جي حالت بدلائڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين، سنڌ جي پٺتي ??يل علائقن جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، چونڊن ۾ پنجاب ۾ هڪ وڏي مافيا سان مقابلو هو ان لاءِ هتي ??ڌيڪ ڌيان نه ڏئي سگهيس، نوجوانن کي بنا وياج جي قرض ڏئي پنهنجي پي??ن تي بيهارينداسين، سکر – حيدرآباد موٽر وي، نئين گاج ڊيم جي تعمير سان علائقي کي وڏو فائدو ٿيندو، احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو دائرو هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن تائين وڌائينداسين، اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سنڌ جي 14 ترجيحي ضلعن ج?? لا 446 ارب روپين ج?? ميگا ترقياتي ??نصوبي تحت ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، ڊاڪٽر فهميده مرزا، شاهه محمود قريشي، سيد علي حيدر زيدي، محمد ميان سومرو، خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عثمان ڊار به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس اڄ سکر اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هو ڪراچي جو دورو ڪندو رهيو آهي پر سنڌ جي ٻين شهرن ۾ اچڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، هن چيو ته سنڌ جي پٺتي ??يل علائقا غريب ترين علائقن ۾ شمار ٿين ٿا، 25 سال پهرين جڏهن مون سياست شروع ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ويس ته بلوچستان، قبائلي علائقن ۽ سنڌ جي ماڻهن کي تمام گهڻي مشڪل حالتن ۾ جيئندي ڏٺو. عوام کي بنيادي سهولتون ۽ حق ميسر نه آهن اهي پوليس ۽ طاقتور جي ظلم ۽ انتقامي ڪاررواين ج?? شڪار آهن، موهن ج?? دڙو 5 هزار سال پراڻو شهر آهي پر سنڌ جو اهو علائقو ترقي ڪرڻ بدران پسماندگي طرف وڃي رهيو آهي، سنڌ جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، وزيراعظم چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ منهنجو پنجاب جي وڏي مافيا سان مقابلو هو، ان لاءِ آئون سنڌ تي ??ڌيڪ ڏيان نه ڏئي سگهيس، هن چيو ته اسان ج?? حڪومت آئي ته ملڪ تي تاريخ جو سڀ کان وڏو قرض چڙهيل هو. اڍائي سالن ۾ اسان 20 هزار ارب جو قرض واپس ڪيو هو، اهڙي طرح اسان (ن) ليگ جي مقابلي ۾ اضافي 15 هزار ارب روپيا قرضن ج?? قسطن ۽ وياج جي ادائيگي ۾ ڏنا. جيڪڏهن اسان اهو پئسو روڊن، اسڪولن، اسپتالن، آبپاشي جي نظام ۽ انفرااسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪريون ها ته ملڪ ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ها پر قرضن ج?? پهاڙ اسان ج?? سامهون ڪر کنيو بيٺل هو ۽ اسان ج?? گهڻو پئسو ان مد ۾ خرچ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ اسان وٽ ايترا پئسا نه هئا ته عوام جي ترقي ۽ فلاحي منصوبن لاءِ خرچ ڪريون ٿا، وزيراعظم چيو ته سنڌ جي پٺتي ??يل علائقن ج?? عوام لاءِ 446 ارب روپين ج?? پيڪيج وڏي مشڪل حالتن ۾ تيار ڪيو آهي، پوري تياري سان پورو پيڪيج کڻي آيا آهيون، هڪ مهيني ۾ ان پيڪيج تي عملدرآمد نظر ايندو، وزيراعظم چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائي رهيا آهيون.
سنڌ جي پٺتي پيل علائقن لاءِ پوري تياري سان هڪ وڏو پيڪيج آندو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria estadual