اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي انهن ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا جي ڪميٽي جو اجلاس هتي ناڻي واري وفاقي وزير حماد اظهر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، وز??را??ظم جي واپار واري وفاقي وزير عبدالرزاق دائود، اداره جاتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر ??شرت حسين ۽ روينيو بابت خاص مددگار وقار مسعود شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سرڪاري ڪاروباري ادارن جي فورينزڪ آڊٽ جي ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. ناڻي واري سيڪريٽري اي جي پي آفيس ۽ نجي آڊٽ فرمز لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس پيش ڪندي چيو ته ان سا?? معيار کي يقيني ب??ائيندي ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏنو ويندو ته جيئن گيپ جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ بهتر سفارشون جوڙي سگهن.
سرڪاري ڪاروباري ادارن بابت ڪابينا ڪميٽي ادارن جي فارينزڪ آڊٽ لاءِ نظرثاني ٿيل ٽرمز آف ريفرنس جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے