اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ پروگرام ج??ڙيو پيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ??اضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي، کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين تي لاڳو هر ٽيڪس جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن جيستائين ممڪن ٿي سگهي ٽيڪسن جي بار ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ضرورت جي شين جي قيمتن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد ح??اد اظهر، سيد فخر امام، ??سد عمر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم ج??ان بخت ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صنعت واري وفاقي وزير محمد ح??اد اظهر ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن جي حوالي سان ??زيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ج?? هدايتن موجب کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ گئس جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽرين صوبن ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي رمضان ??هيني ۾ عوام کي رمضان بازارن ۽ ٻين انتظامن ذريعي سستي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بنيادي ضرورت جي شين جي ڏس ۾ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي حوالي سان ??روگرام ج??ڙيو پيو وڃي جنهن سان ??ه رڳو حڪومت پاران ??راهم ڪيل سبسڊي سڌوسنئون مستحق ماڻهن کي ملندي پر سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان ??اضي مان سبق سکندي اڳواٽ انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي.
کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن