اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزار جي هدايت تي هيومن رائيٽس جي پارليامينٽري س??ڪر??ٽري لالچند مالهي ڪرڪ ضلعي جي ڳوٺ ٽيري ۾ ساڙيل ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيندڙ شري پدم هنس مهاراج جي مندر جو دورو ڪيو. اتي پارلياماني س??ڪر??ٽري مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات ڪئي. امن ڪميٽي انتظاميه ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، مقامي ماڻهن ٻڌايو ته مندر تي حملو پ??لي?? جي موجودگي ۾ ٿيو. پ??لي?? جاني نقصان کان بچڻ لاءِ فوري ايڪشن کان پاسو ڪيو، انتظاميه بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ته شري پدم هنس مهراج جي مندر تي حملو ڪندڙ مرڪزي ملزم مولي مح??د شريف کي پ??لي?? حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هن وقت تائين 45 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي وفاقي پارلياماني س??ڪر??ٽري هندو برادري کي خاطري ڪرائي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي ۽ اقليتي برادري جي مقدس ماڳن جي به حفاظت ڪندي.
پارليامينٽري سيڪريٽري لالچند مالهي پاران ڪرڪ ضلعي ۾ ساڙيل مندر جو دورو، مقامي امن جرڳي ۽ مقامي هندو ڪميونٽي سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ