اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته هڪ طرف عوام کي ڪرونا و??ئر?? وبا کان بچائڻ ۽ ٻئي طرف عوام کي بک، غربت ۽ بيروزگاري کان به محفوظ رکڻو آهي، وفاقي ڪابينا قومي رابطا ڪميٽي جي فوڊ سپلاءِ جي لاءِ گڊز ٽرانسپورٽ کولڻ جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پاران عملدرآمد نه ڪرڻ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن تي ان جي روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم عمران خان ڪرونا و??ئر?? متاثر ماڻهن جي تذليل ۽ بدسلوڪي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته ڪرونا و??ئر?? جي مريضن سان بهتر سلوڪ ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا 1200 ارب جي معاشي رليف پئڪيج ۽ 700 بلين جو هدف حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ سڪوڪ بانڊ جاري ڪ??ڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان ڪرونا جي موجوده صورتحال جي ح??الي سان ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ ڪرونا و??ئر?? کان بچڻ ۽ ان جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.
فردوس عاشق اعواڻ جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ