اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم م??مد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت مثبت بحالي سان مستحڪم ٿي آهي ۽ هي 2013ع ۾ موجوده حڪومت جي ورثي ۾ ملندڙ ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود تيزي ??ان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪ – چين اقتصادي لنگهه تحت مختلف من??وب?? تي تيزي ??ان ڪم جاري آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان خاص طور تي پاڪستان ۽ عام طور تي خطي کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ مواصلاتي رابطا وڌائڻ لاءِ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جا وڏا وڏا منصوبا شروع ڪيا. هن چيو ته موجوده حڪومت بجلي جي کوٽ تي گهڻي حد تائين ضابطو آڻي و??تو آهي ۽ 2018ع تائين لوڊشيڊنگ تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، هن چيو ته اسان موٽر ويز، شاهراهن ۽ بينادي ڍانچي جي ٻين من??وب?? تي به وڏو سرمايو لڳائي رهيا آهيون، ملڪ خاص طور تي ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، هن چيو ته 2017ع ۾ پاڪستان 2013ع جي پاڪستان کان گهڻو مختلف آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي،
پاڪستان جي معيشت مثبت بحالي سان مستحڪم ٿي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ