اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آئيني ادارن کي ڌمڪائڻ عمران خان جي عادت بڻجي چڪي آهي، آئيني ادارن جو احترام ڪ??ڻ اسان سڀني جو فرض آهي. نجڪاري واري مملڪتي وزير محمد زبير ۽ قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ادارن تي اثرانداز ٿيڻ جي ??وش?? ڪرڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عادت آهي جيڪا ان حلف نامي جي خلاف و??زي آهي جنهن جو حلف هن قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان کنيو هو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) قومي ادارن جو تمام گهڻو احترام ڪ??ي ٿي تنهن هوندي به عمران خان پاران روزانو اهڙا الزام هڻڻ سبب اصل حقيقتن ??ي وضاحت ڪرڻ ضروري هوندو آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ