ا??لا?? آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪشمير معاملي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ ڀارت سان جامع ڳالهيون ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪ??مير ڀارت سان ناتن جو مرڪز رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت سان جڏهن ڪنهن به قسم جون ڳالهيون ٿيون ته انهن ۾ ڪشمير اهم معاملو هوندو. هن چيو ته ڪ??مير اسان جو قومي مقصد آهي ۽ پاڪستان ڪشميرين جي خود اراديت واري حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت جاري رکندو.ترجمان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 8 لک ڀارتي سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگي ان ڳالهه جو واض?? مثال آهي ته ڀارت ڪشميرين تي سندس خواهشن جي ابتڙ قابض ٿي رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ