گڏيل قومون -26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جوائس مسويا چيو آهي، ته ??وڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪري رهي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 15 اپريل کان سوڊان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، سوڊان جي هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ چڪريون شروع ٿيون هيون، اهي عام شهرين ۽ امدادي ڪارڪنن لاءِ هڪ ڀوائتو خواب آهن. هن چيو ته هن وقت سوڊان ۾ 15.8 ملين فردن کي امداد جي سخت ضرورت آهي. هن خبردار ڪيو ته ??هو تڪرار نه رڳو انهن ضرورتن کي وڌائي رهيو آهي، پر ان تڪرار وڏي پئماني تي امدادي ڪارروائين ۾ رڪاوٽ پڻ وڌي آهي، جنهن سان انساني حياتين کي شديد خطرو درپيش آهي. هن چيو ته 450 کان وڌيڪ ماڻهو م??رجي چڪا آهن ۽ 4 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. گادي واري شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 اسپتالن کي نقصان پهتو آهي ۽ فوجي استعمال يا وسيلن جي کوٽ سبب انهن کي بند ڪرڻو پيو آهي. بجلي جي جي اڻهوند ۽ ٻارڻ جي کوٽ سبب ويڪسين جي ذخيري ۽ پاڻي جي فراهمي کي نقصان پهچڻ جو پڻ خطرو آهي، جيڪو بيماري جي پکڙجڻ جو خدشو آهي. هن ٻڌايو ته ??نسي بنيادن جي حوالي سان ڪيتريون ئي پرتشدد رپورٽ سامهون آيون آهن. هن چيو ته ??ماغي صحت ۽ نفسياتي ڀلائي خاص طور تي ٻارن ?? ناقابل تصور آهن.
سوڊان ۾ ويڙهه انساني بحران کي تباهي ۾ تبديل ڪرڻ لڳي، 450 ماڻهو فوت ۽ 4 هزار زخمي ٿيا آهن: گڏيل قومن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی