اسلام آباد- 04 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لوئر ڪرم ۾ گاڏين ??ي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته وڳوڙي ڌريون فساد پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڪرم ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخ?? ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت چيو ته وڳوڙي ڌريون عوام جا دشمن آهن ۽ جهڙا پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي، صدر مملڪت ڊپٽي ڪمشنر سميت فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ??يل?? جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II