اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روسي هم منصب روسي ??يڊ??يشن جي اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وياچسلاو وڪٽورووچ جي خصوصي دعوت تي ماسڪو جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمب??ي جو اسپيڪر ماسڪو ۾ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وياچسلاو وڪٽوروچ، ??يڊ??يشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ماتو يينڪو، ڊوما جي وائيس چيئرمين اليگزينڊر باباڪوف ۽ مفتي اعظم جي ڪائونسل جي نائب چيئرمين دمير مقتدينوف سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته ان دوري جو مقصد پارلياماني مٽاسٽا جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ??ڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڊوما ۽ پاڪستان جي قومي اسيمب??ي جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۽ مٽاسٽا کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان ايم او يو تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.
قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ماسڪو جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز