اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاليسي تي ٻڌل قرض ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن کي ??نهن ڏ??ڻ ج?? پروگرام سي ڊي ريپ تحت فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان کي ??احولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ ۾ اضافي جي منصوبه بندي، تياري ۽ جواب ڏيڻ جي ادارن سطح تي صلاحيت کي ??ضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام تحت قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي موزونيت ۽ لچڪ جي شعبي ۾ شموليتي سيڙپڪاري کي ??ڌائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي وچين ۽ اولهندي ايشيا جي ڊائريڪٽر جنرل ايوگيني زوڪو ٻڌايو ته اهو پروگرام بئنڪ جي ڊگهي مدي جي ڪوششن جي بنياد تي بڻايو ويو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي سمجهڻ ۽ انهن کي ??نهن ڏ??ڻ لاءِ موثر قدم کڻن آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت