اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي ??را??داد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبلي ۾ اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ??را??داد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪئي وئي آهي. ??را??داد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سميت اڳوڻن اسپيڪرن جن علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. هي ايوان ايس سي او جي هدفن ۽ مقصدنکي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران مڪمل حمايت جي عزم جي اظهار کي ساراهي ٿو. ??را??داد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سمجهي ٿو ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جهڙو ڪو وڏو ايونٽ ڪاميابي سان منعقد ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي، هي ايوان حڪومت کي سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابين تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ??را??داد ۾ وڌيڪ چيو و??و ته هي ايوان سمجهي ٿو ته ايس سي او سربراهه اجلاس سان پاڪستان جو مثبت تشخص اڀريو آهي. ايس سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان کي علائقائي واپار ۾ مدد ۽ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو. هي ايوان شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ سل??مت?? جي مسئلن تي اهم ڪردار کي تسليم ڪري ٿو. هي ايوان سمجهي ٿو ته پاڪستان خطي جو اهم ۽ متحرڪ ملڪ آهي، خطي جي اهم علائقائي ۽ سل??مت?? جي مسئلن تي ايس سي او ڪانفرنس ۾ پاڪستان جو مضبوط موقف پاڪستاني قوم جي ترجماني آهي. ??را??داد ۾ چيو و??و ته هي ايوان پاڪستان حڪومت، پرڏيهي وزارت، اطلاعات واري وزارت، گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بشمول پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ??را??داد ۾ چيو و??و ته هي ايوان ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر کي خوبصورتي سان سجائڻ، مهمانن جي آجيان ڪرڻ ۽ پاڪستان جي وقار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ سمورن حڪومتي ادارن جي خدمتن کي ساراهي ٿو. هي ايوان ايس سي او سمٽ ۾ مهمانن جي پاڪستان اچڻ کان وٺي انهن جي رخصتي تائين جن ادارن ۽ آفيشلز پنهنجا فرض سرانجام ڏنا، انهن سڀني کي پوري قوم پاران خراج تحسين پيش ڪري ٿو. بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??را??داد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏئي ڇڏي.
قومي اسيمبلي پاران ايس سي او اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد واري قرارداد متفقه طور تي منظور
مضمون کا ماخذ : apostas quina