اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراع??م محمد شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻن??ي وزيراعظمن هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراع??م محمد شهباز شريف چيني وزيراعظم کي پاڻ سان گڏ اسلامي واري چبوتري تي وٺي ويو جتي ٻن??ي ملڪن جي قومي ترانن جون ڌُنون وڄايون ويون. چيني وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ٽنهي هٿياربند فوج جي دستي چين جي وزيراعظم کي سلامي ڏني.
چيني وزيراعظم جو ان موقعي تي وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ عملي سان تعارف ڪرايو ويو جڏهن ته چين جي وفد جو پاڪستان جي وزيراعظم سان تعارف ڪرايو ويو.
چين جي وزيراعظم لي چيانگ وزيراع??م محمد شهباز شريف سان گڏجي وزيراعظم هائوس جي اڱڻ ۾ يادگار طور هڪ ٻوٽو پڻ هنيو.