اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، سڀني کي گيس ڪنيڪشن ڏيون ته ڪنهن کي ??ه گيس نه ملندي، اهي هائوسنگ سوسائٽيون جيڪي ايل اين جي خريدڻ لاءِ تيار آهن انهن کي ??يل اين جي ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آسيه ناز تنولي جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، گيس پائيپ لائنز ۾ 7 کان 8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جيڪڏهن سڀني کي گيس ڪنيڪشن ڏيون ته ڪنهن کي ??ه گيس نه ملندي، واحد رستو اهو آهي ته اسان ٻاهران گُهرايل گيس فراهم ڪريون جيڪا مهانگي ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ان کي ??ريدڻ لاءِ تيار نه آهي. نئيون هائوسنگ سوسائٽيون جيڪي ايل اين جي خريدڻ لاءِ تيار آهن انهن کي ??يل اين جي ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسمگلنگ جو دفاع نه ڪرڻ گهرجي، اهو هڪ ناجائز ڪاروبار آهي. ملڪ جي قاعدن موجب ٻاهران شيءِ گُهرائڻ وارن کي واپاري ۽ غير قانوني طريقي سان شيءِ گُهرائڻ واري کي ??سمگلر چيو وڃي ٿو. پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي ??وڪڻ جي سخت ضرورت آهي. سيد وسيم حسين جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سموريون ڪمپنيون جيڪي غير معياري سلينڊرز استعمال ڪن ٿيون اها انهن جي مجرماڻي غفلت آهي، ان سان ماڻهن جي حياتين کي ??طرو آهي. اوگرا کان اسان ان سلسلي ۾ فريم ورڪ به گُهريو ته ماڻهن جي حياتين جي تحفظ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. رعنا انصار جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان کي ??ي شمار تي?? ۽ گيس جي ذخيرن کي ڳولڻ وارين ننڍين ننڍين ڪمپنين کي ??دائگيون ڪرڻيون آهن. گيس جون قيمتون نه وڌائڻ سان گيس ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي نقصان ٿئي ٿو. غريب عوام جي ڏُکيائين سبب اسان گيس جون قيمتون نٿا وڌائي سگهون جنهن سبب گيس ڪمپنين تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ اهي نقصان ۾ هل??و وڃن ٿيون. گيس جي چوري کي ??وڪڻ تمام ضروري آهي. پُراڻين پائپ لائنن کي ??ه ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان هڪ اثرائتو پروگرام جوڙيو ويو آهي. ناز بلوچ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ گيس ايل پي جي سيلنڊرز ذريعي فراهم ڪئي ويندي آهي، سمورا ايل پي جي گيس سلينڊرز بم ناهن هوندا. قانون موجب گيس ذخيرن وارن علائقن ۾ 5 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ گيس فراهم ڪئي ويندي آهي، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ گيس چوري ٿيڻ سبب پريشر گهٽ ٿئي ٿو.
ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچڻ لڳي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha