اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر محسن نقوي سان گڏيل قومن جي افغانستان بابت خاص نمائندي اندريڪا توتي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد ڪالهه گهرو وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فدي ايل ۽ افغانستان ۾ گڏيل قومن جي مشن جو سربراهه مالڪ سيسي به شامل هو. وفاقي وز??ر گهرو وزارت پهچڻ تي گڏيل قومن جي وفد جي آجيان ڪئي. افغانستان بابت گڏيل قومن جي خاص نمائندي بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي ڀرپور مذمت ڪئي. وفاقي وز??ر وفد سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمگير مسئلو آهي ۽ پاڪستان دهشتگرديءَ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ شهرين جي قربانين جو مثال نٿو ملي. گهرو وز??ر پاڪستان ۾ ٿيل حملن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي ملوث هئڻ جي باري ۾ وفد کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٽي ٽي پي حملن لاءِ افغانستان جي ڌرتي استعمال ڪري رهي ??هي ۽ کين هر حال ۾ روڪڻو پوندو. گهرو وز??ر چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي مهمان نوازي ڪئي آهي، غير قانوني طور پرڏيهين جي واپسي مرحليوار شروعات ٿي چڪي آهي. هن واضح ڪيو ته قانوني دستاويز رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا??ه ڪا??روائي نه پئي ڪئي وڃي، ويزا ۽ ٻين قانوني دستاويزن بنا ڪنهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ جلد افغان پناهگيرن جي واپسيءَ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو. گهرو وز??ر افغان پناهگيرن جي بحاليءَ لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي برادريءَ جي ڪردار جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص نمائندي افغان پناهگيرن ۽ دوحه ڊائلاگ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته افغان پناهگيرن جي مستقبل بحاليءَ تي افغان حڪومت سان گڏ ڪم ڪري رهيا آهيون.
وفاقي گهرو وزير سان گڏيل قومن جي افغانستان بابت خاص نمائندي جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina