اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فلسطين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احمد جواد عبدالعزيز رابعي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم فلسط??ني عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاء?? ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلسط??ني شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي ذريعي فلسطين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاء?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع ??ان اڳ واري سرحدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فلسطين جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. احمد جواد عبدالعزيز رابعي پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي ??ي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. احمد جواد عبدالعزيز رابعي فلسط??ني شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سه??لت??ن فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.
فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن