اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير بنون ?? دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائيندڙ شهيد سپاهي ث??بان جي جرئت کي سلام پيش ڪندي چيو آهي ته سپاهي ث??بان جان جي قرباني ڏئي بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو. شهيد سپاهي ث??بان هينڊ گرينڊ تي سمهي پنهنجي قيمتي زندگي مادر وطن تان قربان ڪئي ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سپاهي ث??بان جنهن جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيو ويندو. محسن نقوي چيو ته قوم پنهنجي هيرو سپاهي ث??بان جي دليري کي سلام پيش ڪري ٿي، شهيد سپاهي ث??بان جهڙي بلند حوصلي ۽ قومي جذبي سان ٽمٽار بهادر سپوٽن جي هوندي مڪار دشمن جي هر ڪڌي سازش ناڪام رهندي.
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada