اسلام آباد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بئنڪنگ م??تسب محمد ڪامران شهزاد الودا??ي ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن صدر کي پنهنجي دور ۾ رڪارڊ بئنڪنگ ڪيسز اڪلائڻ، بئنڪ صارفين کي مالي انصاف جي فراهمي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران بئنڪنگ م??تسب ٻڌايو ته بطور بئنڪنگ م??تسب، سال اپ??يل 2019ع کان جولاءِ 2023ع تائين جي 4 سالا دور ۾ 3 ارب رپين جو ري??يف فراهم ڪيو، منهنجي دور کان اڳ سال 2005ع کان 2018ع تائين جي 13 سالن ۾ عوامک ي 2.3 ارب جو ري??يف ڏنو ويو، پنهنجي دور ۾ 106486 ڪيسز اڪلائي بئنڪنگ صارفين کي اربين رپين جو مالي انصاف فراهم ڪيو. صدر بئنڪنگ م??تسب پاران گهٽ مدي ۾ عوام کي 3 ارب رپين کان وڌيڪ جو ري??يف فراهم ڪرڻ تي سندس ڪوششن کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا